SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خصوصي قرض جو اختيار


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خصوصي قرض جو اختيار

Special Drawing Rights SDR

اسپيشل ڊرائنگ رائيٽس

جولاءِ 1969ع ۾ دُنيا جي عظيم مالياتي اداري ”آئي ايم ايف“ جي فنڊن واري مئنيجنگ ڊائريڪٽر مستقبل بابت رٿا ڏيندي، ميمبرن جي رضامنديءَ کانپوءِ، اداري لاءِ 9.5 بلين ڊالرن جا اثاثا جمع ڪرڻ جي تجويز ڏني. ٽن سالن جي عرصي دؤران تجويز مطابق اها رقم ميمبر مُلڪن جي سهڪار کانپوءِ جمع ٿي، جيڪا اداري کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ جي سلسلي ۾ ”آئي ايم ايف“ لاءِ وڏو اثاثو سمجهيي ويندي آهي. هن رقم جي جمع ڪرڻ جو اصل مقصد هو ته ان کي ڪنهن اهڙي هنڌ سيڙايو وڃي جتان مُنافعو ڪمائي سگهجي ۽ اهو ڪمايل واڌو ناڻو امداد طور غريب مُلڪن ۾ ورهايو وڃي. انهيءَ رقم جي سيڙپ ۽ منافعي طور ڪمايل رقم جو طريقو سون ذريعي ڏيتي ليتيءَ جو معيار مقرر ڪرڻ (Gold Exchange Standard) واري اصول تحت هو، پر هن پروگرام جو مقصد يا ڪنهن ملڪ جي ڪرنسيءَ جي قيمت وڌائڻ نه هيو، بلڪ انهيءَ مخصوص ٿيل رقم کي انهن ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جن ملڪن ۾ اها رقم ترقياتي منصوبن ۾ سيِڙائي ”آئي ايم ايف“ کي واپس موٽائي ڏيڻ ۽ مقرر ٿيل منافعي جي شرح ادا ڪرڻ جي سگهه هُجي. ”ايس ڊي آر“ جي قائم ڪرڻ جو هڪ سبب ويهه سال اڳ ڊالر جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي اچڻ به هيو. 1950ع ۾ ”بريٽن ووڊ سسٽم“ ۾ اها آگاهي ڏني وئي هئي، ته اڳتي هلي عالمي معاشي نظام ۾ اهڙي قسم جي سيڙپڪاري ضرور عمل ۾ ايندي، جنهن منجهان منافعو ملڻ جي پوري پڪ هوندي. ”ايس ڊي آر“ جي جاري ڪرڻ ۾ به اهو ئي خيال رکيو ويندو آهي ته منافعو ۽ سيڙپ ٿيل پئسا هر حال ۾ اداري کي موٽي ملن. ”ايس ڊي آر“ جي قائم ٿيڻ وقت ٽين دنيا جي ملڪن جي صورتحال کي سامهون رکيو ويو، پر انهن ملڪن جي ڪمزور معاشي حالت منجهان سيِڙپ ڪيل پئسي جي واپسيءَ جو يقين نه هجڻ ڪري، اڃا تائين اُتي فنڊن جي رقم کي نه سيِڙايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ معاشي ماهرن طرفان ڪافي تجويزون ڏنيون ويون آهن، پر انهن منجهان اڃا تائين ڪو جامع حل نه نڪري سگهيو آهي. ”آئي ايم ايف“ کي قرض ڏيندي اڃا به اهو اُلڪو رهي ٿو ته فنڊ ۾ مخصوص ڪيل رقم جن مقصدن لاءِ رکي وئي آهي، ان کان هٽيل استعمال هن پروگرام جي بُنيادي تصور کي ختم ڪري سگهي ٿو


Remember Me Also:

سنڊ سنڊر

ذ. شور ، گهُنج منهن ۾ ، سُونڊُ ، گهُنڊُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal